سپر مين ان اسلام | Sindhi Article | INDUS PRESS

 

خاندان رسالت، علم و حڪمت، علم جي شهر ۽ علم جي باب جي ڇهين تاجدار امام جعفر صادق عه جي ولادت سترهن ربيع النور 83 هجري مديني منوره ۾ ٿي. پاڻ هن امت جي عظيم شخصيت فڪري ۽ علمي گھرائي جا بي مثل علمدار هئا.
 سندن علم جي فيض منجھان هزارين چمڪندڙ ستارا روشن ٿيا جن سڄي دنيا ۾ پاڻ کي مڃايو. امام صادق عه پر آشوب زماني ۾ مدينه النبي کي مدينته العلم جي ٻيهر سڃاڻپ ڏني. مسجد نبوي ۾ هزارين علم جا پياسا پنهنجي علم جي اُڃ اُجھائڻ لاءِ سندن قائم ڪيل دانشگاھ ۾ آيا. 

پاڻ هڪ ئي وقت قرآن، علمِ حديث، علمِ منطق، علمِ ڪيمياءَ، علمِ ڪلام، علمِ تفسير، علمِ فلسفه، علم رجز، علم فال، علم الاعداد، علم سمعيات، علمِ فلڪيات ۽ علم معاشيات جا ليڪچرز ڏيندا هئا. هن عظيم الشان درسگاھ مان وڏا وڏا نامور عالم، فقيھ، دانشور، ماهر علم ڪيميا، ماهر علم فلڪيات، ماهر علم حياتيات ۽ عظيم مفڪر پيدا ٿيا. 
سندن چار هزار شاگردن مان هڪ هزار ٽي سو شاگردن پنج هزار جي قريب بهترين ڪتاب لکيا. امام ڪيميا بقول پروفيسر هيڻي فادر آف ڪيمسٽري جابر بن حيان عالمي شهرت يافته سائنسدان سندن هڪ ادنٰي طالب علم هيو جنهن هڪ مفصل ڪتاب لکي. جنهن ۾ امام صادق عه جي پنج سئو رسالن کي جمع ڪيو. مختصرن فقه حنفيه جو امام نعمان بن ثابت، معروف امام ابو حنيفه رح هجي يا فقه مالڪي جو امام مالڪ بن انس، معروف امام مالڪ رحه هجي، علم ڪيميا جو باني جابر بن حيان هجي يا علم طب جو ماهر بو علي سينا هجي. علم جغرافيه جو ماهر البيروني هجي يا باباءِ الجبرا ۽ علم فلڪيا جو ماهر الخوارزمي هجي.
 تاريخ جو امام جرير طبري هجن يا فقه جو امام سفيان ثوري هجي، حافظ حديث و محدث شعبه ابن الحجاج هجي يا سفيان بن عينيه هجي. 
هي سڀ نامور عالم سندن بلاواسطه شاگرد رهيا. تاريخ اسلام جي جيترن به عظيم ماهر علم و فنون جو ذڪر ڪيو آهي اهي بلا واسطه (ڊائريڪٽ) يا با واسطه (ان ڊائريڪٽ) امام جعفر صادق عه جا شاگرد هئا يا سندن شاگردن جا شاگرد يا سندن شاگردن جا شاگرد هئا يا سندن شاگردن جي شاگردن جا شاگرد هئا. ٽئين صدي هجري جي معروف تاريخدان ابن ابي الحديد حيرت سان بيان ڪري ٿو ته امام صادق عه جي شهادت جي ٻن صدين کان پوءِ به عرب، عراق، عجم، خراسان ۽ فارسي مخلف علمن جا جيترا به استاد ۽ ماهر هئا 
هو پنهنجي علمي مسئلي جي دليل ۾ امام صادق عه جو حوالو (ريفرنس) ڏئي پڙهائيندا رهيا.جيڪي سائنسي نظريات امام صادق عه تيرنهن سئو سال پهرين بيان فرمايا هئا. اڄ ايڪيهين صدي ۾ جديد سائنس انهن نظرين کي پنهنجي تجربه گاھ ۾ اکين سان مشاهدو ڪري رهي آهي. پاڻ اهي پهريان شخص هئا جنهن سج جو زمين جي گرد چڪر لڳائڻ جي ترديد فرمائي ۽ فرمايائون ته “سج نه بلڪه زمين سج جي گرد چڪر لڳائي رهي آهي” جنهن جي ڪري ڏينهن ۽ رات وجود ۾ اچن ٿا.
مشهور آهي ته برطانيه جي سائنسداد جوزف پرسٽلي سڀني کان پهرين آڪسيجن جو انڪشاف ڪيو. جڏهن ته هو آڪسيجن جي خصوصيات ۽ ترڪيبات کان بي خبر هو. پر امام صادق عه تيرنهن سئو سال پهرين ٻڌايو ته “هوا عنصر بسيط ناهي بلڪه مختلف عنصرن جو مرڪب آهي. جنهن مان بعض جز هر زنده موجودات لاءِ ساھ کڻن ۾ مدد ڏين ٿا. ۽ بعض جز باھ پيدا ڪرڻ ۾ مددگار هوندا آهن.” روشني جو نظريو (Light Theory) به سڀني کان پهرين امام صادق عه جي زبان مبارڪ مان ظاهر ٿيو. 

اگر امام صادق عه روشني جو نظريو پيش نه ڪن ها ته ليپرشي ۽ گيليليو فلڪي دوربين ايجاد نه ڪري سگهن ها. امام صادق عه فرمايو “بعض شعائون هڪ بيمار انسان مان خارج ٿي هڪ تندرست انسان تائين پهچن ٿيون جيڪي ان کي بيمار ڪري ڇڏين ٿيون”. جديد ميڊيڪل سائنس ان حقيقت جو هاڻي اعتراف ڪري رهي آهي.
دنيا اڄ پوليوشن (Pollution) جي عذاب ۾ مبتلا ٿيڻ کان پوءِ ان جي خطرناڪ اثرات کان آگاھ ٿي رهي آهي پر اڄ کان تيرنهن سئو سال پهرين جڏهن نه زهريلو مواد خارج ڪرڻ وارا ڪارخانا هئا نه دونهين ڇڏڻ واريون گاڏيون پر ان وقت امام صادق عه فرمايو ته :
“انسان کي پنهنجي زندگي ان طرح گذارڻ گھرجي جيئن ماحول آلوده نه ٿئي. ڇو جو اگر ماحول آلوده ٿي ويو ته هڪ ڏينهن اهڙو ايندو جڏهن انسان لاءِ زندگي گذارڻ مشڪل يا شايد ناممڪن ٿي وڃي”.
اهڙي طرح انيڪ رازن تان پردو کنيو جنهن علمي ڪمالات جو اعتراف اڄ صرف قاهره جي عظيم يونيورسٽي الاظهر يونيورسٽي لبنان جو اسلامڪ اسٽيڊيز سينٽر يا تهران جي يونيورسٽي آف دي ٽيڪنالاجي ۾ ئي نه ٿي رهيو آهي بلڪه بيلجيم يونيورسٽي آف برلز اينڊ گان هجي يا فرانس جي يونيورسٽي آف پيرس اينڊ اورينٽل لئگويجز، يونيورسٽي آف اٽلي، يونيورسٽي آف جرمني، آمريڪا جي يونيورسٽي آف ڪيلي فورنيا، يونيورسٽي آف شڪاگو، برطانيه جي يونيوسٽي آف لنڊن، روس جا ريسرچ سينٽرز، صادق آل محمد امام جعفر صادق عه جي علمي برتري کي تسليم ڪري سندس نظريات مان فيض ياب ٿي رهي آهي.
“اسلام جي هن عظيم شخصيت تي ڪجھ عرصو پهرين اسلامڪ اسٽيڊيز سينٽر، سٽر اسبرگ فرانس” جي مطالعاتي مرڪز ريسرچ ڪئي. هي اهو مرڪز ريسرچ ڪئي. هي اهو مرڪز آهي جيڪو نه صرف اسلامي مسائل ۽ شخصيتن تي تحقيق ڪندو آهي بلڪه دنيا جي ٻين مذهبن تي به ريسرچ ڪندو آهي. دنيا جي نامور پروفيسرز ۽ اسڪالرز امام صادق عه جي شخصيت کي “سپر مين اِن اسلام” جو خطاب ڏنو آهي ۽ پنهنجي ڪتاب جو نالو به         " SUPER MAN IN ISLAM"  انهي عنوان جو ڏنو آهي. 

هن تحقيقي سينٽر ۾ صرف ٽي اسڪالرز مسلمان آهن باقي سڀ ٻين مذهبن سان تعلق رکن ٿا. انهي 25 اسڪالرز ۾ ايران لبنان جو هڪ هڪ اسڪالر شامل آهي. هن ڪتاب جي مولفين جيتري علمي تحقيق ۽ ڪوشش ڪئي آهي اها امام صادق عه جي انسان، علمي ۽ عملي مرتبي ۽ فضيلت کان نهايت گھٽ آهي. اڃان به وڌيڪ ريسرچ ۽ تحقيق جي ضرورت آهي. جنهن علمي تحريڪ جي بنياد امام صادق عه رکي آهي اگر ان کي سڃاڻي اسلامي دنيا علم جو مرڪز بڻجي سگھي ٿو. فلڪيات، رياضي، ڪيمسٽري، فزڪس ۽ تمام سائنسي علمن ۾ مسلمان قابل رشڪ ترقي ڪري سگهن ٿا. هن عظيم شخصيت جي شهادت 25 شوال 148 هجري مديني منوره ۾ منصور دوانقي جي دور ۾ زهر سبب ٿي. جنهن جي جنازي ۾ هر مڪتب فڪر جي هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ کين جنت البقيع ۾ سندن ڏاڏي سيده فاطمه الزهره سلام الله عليه جي ڀرسان دفنايو ويو

آرٹیکل _________________________
بھادر علوی 

PAKISTAN NEWS

[Latest-Pakistani-news-in-Urdu][bleft]

Mobile Price

[Mobile-Price-in-Pakistan][bleft]

Interesting Facts

[Interesting-Facts-in-Urdu][bleft]

Interesting Information

[Interesting-Information-in-Urdu][bleft]

Interesting Stories

[Interesting-Stories-in-Urdu][bleft]

HEALTH

[Totkay-in-Urdu][bleft]

TECH

[Tech-News-in-Urdu][bleft]

WORLD

[World-News-in-Urdu][bleft]

CRICKET NEWS

[Today-Cricket-News-in-Urdu][bleft]

Pakistani Showbiz

[Latest-Showbiz-News-in-Urdu][bleft]

Bollywood News

[Bollywood-News-in-Urdu-Today][bleft]

BUSINESS

[Business-News-in-Urdu][Bleft]